پاڪستان

January 22, 2023 3:36 pm

پاڪستان کي هن صورتحال تي عمران خان پهچايو: وفاقي وزير ميان جاويد لطيف

وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته پاڪستان کي هن صورتحال تي عمران خان پهچايو، 5 ڪردارن رياست کي سفارتي ۽ معاشي نقصان پهچايو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته ٻڌايو وڃي ته 2017 ۾ ڪنهن جي خواهش تي نوازشريف کي هٽايو ويو، اهو به ٻڌايو وڃي ته ملڪي معشيت ڇو نه پئي سنڀالجي، ڊالر هيٺ ڇو نه پيو هيٺ وڃي؟.

وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته نواز شريف رياست لاءِ گهڻيون قربانيون ڏنيون، اڄ اسان جي قربانين سان به ملڪ نه پيو هلي، جڏهن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيندو، انهيءَ ڏينهن نوازشريف ڏيهه واپسي تاريخ جو اعلان ڪندو.

هن چيو ته نواز شريف کان معافي وٺي کيس وطن واپس آڻڻو پوندو، رياست کي نقصان پهچائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائي نواز شريف کي ڏيهه آڻڻو پوندو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته، 5 ڪردارن رياست کي سفارتي ۽ معاشي نقصان پهچايو، ڇا نواز شريف بار بار ملڪ لاءِ قرباني ڏيندو رهندو.

ميان جاويد لطيف چيو ته، 2017 ۾ اسان چيو ٽرٿ ڪميشن جوڙي وڃي، 2017 ۾ ڪنهن جي خواهش تي نواز شريف کي هٽايو ويو، ڇا سازشي خط بابت هن وقت جي اسٽيبلشمينٽ چيف کي خبر نه هئي ته ڪوڙ آهي.

ميان جاويد لطيف چيو ته 2018 کان 2022 تائين عمران خان جي سرعام سهولتڪاري ڪئي وئي، ضمني چونڊن ۾ به سهولتڪاري ڪري پسند جا نتيجا حاصل ڪيا ويا.

وفاقي وزير چيو ته، 2017 جي ڪردارن جي کيسن مان پئسا ڪڍيا وڃن، نواز شريف جي قرباني کي ضايع ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙهو: