سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، مٿانهين وارن علائقن ۾ برفباري سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي سبب گاڏين جي رواني متاثر رهي.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي.
ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، پارا چنار، وادي ڪرم وارن علائقن ۾ هڪ فٽ تائين برفباري سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.
وادي نيلم، ايبٽ آباد، نٿيا گلي، ايوبيا، گليات ۾ به وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب، ٿڌ ۾ اضافو ٿيو آهي.
آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ برفباري سبب وادي ليپا جو ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
ٻئي طرف سڄي سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، گادي واري شهر ڪراچي ۾ به جهڙالي معصوم سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
سنڌ جي ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو، جڏهن ته موٽر وي پوليس پاران ڊرائيورن کي گاڏيون آهستي هلائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.