پاڪستان

January 22, 2023 3:18 pm

ملڪي معاشي صورتحال خراب آهي: مفتاح اسماعيل

ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ملڪي معاشي صورتحال خراب آهي، ملڪ جو قرض وڌي 51 هزار ارب تائين پهچي ويو آهي، عوام سان گڏ صوبن ۽ ضلعن کي به حق ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو ته هن وقت ملڪي معاشي صورتحال خراب آهي.
هن چيو ته، گذريل 20 سالن کان ملڪ جو قرض وڌي 51 هزار ارب تائين پهچي ويو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ملڪ جي عوام کي حق ڏيون.
هن چيو ته، صوبن ۽ ضلعن کي به حق ڏيڻ گهرجن، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بي روزگاري وڌي رهي آهي، ماڻهو پريشان آهن.
مفتاح اسماعيل چيو ته، اسان کي زراعت کي هٿي وٺرائڻي پوندي، صوبن ۽ ضلعن کي حق ڏيڻ گهرجن.
ناڻي واري اڳوڻي وزير چيو ته، پاڪستان ۾ نجڪاري وڏو مسئلو آهي، انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ نجڪاري وڏو مسئلو آهي، انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان کي پنهنجي عوام کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته حڪومت چار مهينا فيصلا نه ڪيا، جنهن سبب معيشت کي نقصان پهتو، حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي آجيان ڪيون ٿا.

وڌيڪ پڙهو: