پاڪستان

January 22, 2023 3:14 pm

سينيئر سياستدانن ملڪ تي وڌندڙ قرض تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

سينيئر سياستدانن ملڪ تي وڌندڙ قرض تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ مسئلا حل نه ٿيندا، غلطين کي درست ڪري، ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ ۾ استحڪام پيدا ڪرڻو پوندو.

ڪوئيٽا پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نفرت جي سياست سان پاڪستان جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، اڄ جي سياست هڪٻئي کي گاريون ڏيڻ ۽ الزام تراشي جو نالو آهي.

هن چيو ته، اڄ جي سياست انتقام ۽ دشمني جي سياست ٿي وئي آهي،  هي سياست ملڪ جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته، آئين کي تسليم نه ڪنداسين ته مسئلن جو حل نه نڪرندو، پاڪستان وٽ مسئلن جو ڪو به متبادل حل موجود ناهي.

هن چيو ته، اسان آئين جي ڳالهه ڪندا آهيون، آئين تي مڪمل عمل ڪرڻ گهرجي، 8 ڪروڙ پاڪستان مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهن.

شاهد خاقان عباسي چيو ته، معيشت، سياست ۽ ٻين مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي، ملڪ کي سياسي استحڪام جي ضرورت آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماڻهن کي حق ڏنا وڃن.

لشڪري رئيساڻي چيو ته ڳالهين ذريعي بلوچستان جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، حڪومت گوادر ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، اسان کي غلطين کي درست ڪرڻو پوندو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ ۾ استحڪام پيد ڪرڻو پوندو، اڄ جيڪو بلوچستان جي ايم اين ايز جو حال آهي، اهو ئي سمورن ميمبرن جو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ، اسان آئين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، معشيت، سياست ۽ ٻين مسئلن جو حل آئين ۾ آهي.

وڌيڪ پڙهو: