سنڌ

January 22, 2023 3:10 pm

ڪراچي ۾ آئيس جو نشو واپرائڻ دوران بلب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي ۾ آئيس جو نشو واپرائڻ دوران بلب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال  منتقل ڪيو  ويو.

پوليس موجب، اورنگي ٽائون ۾ ڊيڪوريشن جي دڪان ۾ نشي جا عادي ماڻهو  بلب ۾ آئيس جو نشو ڪري رهيا هئا ته بلب ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پوليس موجب، ڌماڪي بعد زخمي ٿيل نشي جي عادي ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، بم ڊسپورز اسڪواڊ تي پهچي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو ، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

وڌيڪ پڙهو: