بين الاقوامي

دنيا

January 22, 2023 3:05 pm

برازيل جي صدر ملڪ جي آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو

برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا  آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو، صدر  آرمي چيف کي  پرتشدد مظاهرن کانپوءِ عهدي تان هٽايو.

برازيل ۾ پرتشدد مظاهرا رڪجي نه سگهيا، مختلف شهرن ۾ اڳوڻي صدر جير بولسو نارو  جا حامي مظاهرو ڪري رهيا آهن.

برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا  آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو، گادي واري شهر برازيليا ۾ ٻن هفتن کان هلندڙ احتجاج کانپوءِ آرمي چيف جنرل جوليو سيزر ڊي اروڊا کي عهدي تان هٽايو.

آرمي چيف 30 ڊسمبر تي پنهنجو عهدو سنڀاليو هو، ڪمانڊر جنرل ٽومس ربيريو پيويا  کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو.

واضح رهي ته اڳوڻي صدر جير بولسو نارو جي حامين 8 جنوري تي سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا هئا ۽ پنهنجو  احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو.

وڌيڪ پڙهو: