پاڪستان

January 22, 2023 2:59 pm

وزيراعظم شهباز شريف پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت

وزيراعظم شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي سان اڍائي ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ پيغام چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي سان اڍائي ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن.

هن چيو ته، راءِ جي اظهار جي آزادي جو لباس پائي مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ واري عمل کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انساني حقن جا علمبردار نفرت پکيڙڻ واري عمل جي روڪٿام لاءِ ذميواري ادا ڪن.

وڌيڪ پڙهو: