سنڌ هائيڪورٽ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ پراڻي پاليسي تحت اٽو 65 رپيا في ڪلو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هائيڪورٽ سکر بينچ ۾ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ بشير شيخ رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ موجب، سنڌ ڪابينا نئين پاليسي تحت صوبي ۾ اٽو 95 رپيا في ڪلو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 100 ڪلو گرام اٽي جي ٻوري 8 هزار 500 رپين ۾ ڏيڻ لاءِ جلد منظوري ورتي ويندي.