پاڪستان

January 18, 2023 7:20 pm

هاڻ مستحق عورتن جي نه تذليل ٿيندي ۽ نه ئي کين پيسن وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيهڻو پوندو: وفاقي حڪومت

هاڻ مستحق عورتن جي نه تذليل ٿيندي ۽ نه ئي کين پيسن وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيهڻو پوندو، وفاقي حڪومت مستحق عورتن جا بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير شازيه عطا مري ڪراچي ۾ پريس ڪارنفرنس ڪندي چيو ته مستحق عورتن جي بايوميٽرڪ جو مسئلو آهي،  پروگرام جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ آهي، شڪايتون مليون آهن ته عورتن کي پئسا وصول ڪرڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، هاڻي نئين طريقي سان مستحقن کي پئسا ڏيڻ جو منصوبو جوڙ ي رهيا آهيون، ان معاملي تي اسٽيٽ بئنڪ سان به گڏجاڻي ٿي آهي، مستحق عورتن کي پئسا ڏيڻ لاءِ انهن جا بئنڪ اڪائونٽ کولرايا ويندا.

وڌيڪ پڙهو: