اهم خبرون

سنڌ

January 18, 2023 6:57 pm

ڊي آر او آفيس ڪيماڙي جي سامهون پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي جو احتجاج, علائقو ميدان جنگ بڻيل

ڊي آر او آفيس ڪيماڙي جي سامهون پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي جو احتجاج، لٺبازي ۽ پٿراءُ ۾ علي زيدي ۽ ٻن صحافين سميت پنج ڄڻا زخمي، علائقو ميدان جنگ بڻيل. ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽ موجب ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي جي سامهون ٻن سياسي پارٽين جي احتجاج سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڊي آئي جي ڏکڻ ڪراچي عرفان بلوچ موجب صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ڪيماڙي جي سربراهي ۾ پوليس اٽالا موجود آه.

وڌيڪ پڙهو: