سنڌ

January 17, 2023 7:57 pm

وڏي وزير، سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جون هدايتون

وڏي وزير، سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته دڪانن تي سرڪاري اگهن واريون لسٽون لڳرايون وڃن ته جيئن عوام کي درست اگهه معلوم ٿي سگهن.

وڏي وزير مُراد علي شاهه کي عام واهپي جي شين جي اگهن جي فهرست پيش ڪئي وئي، وڏي وزير سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايتون جاري ڪيون ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي.

وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايتون ڏنيون ته دڪانن تي شين جي اگهن واريون سرڪاري فهرستون لڳرايون وڃن ته جيئن عوام کي حڪومت جي مقرر ڪيل قيمتن جو پتو پئجي سگهي.

وڏي وزير چيو ته کير، گوشت، ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن جون فهرستون اچانڪ دورا ڪري چيڪ ڪندس.

ٻئي طرف وڏي وزير ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ ڄامشورو پهچي مرحوم ايم ايڇ پنهور جي ذاتي لائبريري ۽ ناياب ڪتابن جي ڊجيٽيلائيز لائبريري جو افتتاح ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: