top_news

سنڌ

January 15, 2023 10:36 pm

بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پيپلز پارٽي ميدان هڻي ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پ پ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ مختلف سياسي پارٽيون پنهنجي فتح جون دعوائون ڪري رهيون آهن.

اهڙي صورتحال ۾ پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران به دعويٰ ڪئي وئي آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، هن پيپلز پارٽي جو چونڊ نشان تير والا جَف به لڳايو.

ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان هڪ ٽوئيٽ به ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڄامشورو جي مڪاني چونڊن ۾ پ پ 15 سيٽون کٽي ورتيون.

وڌيڪ پڙهو: