سنڌ

January 15, 2023 7:22 pm

اليڪشن ڪميشن جو انفارميشن سيڪريٽري سنڌ کي سرڪاري خزاني مان اشتهاري مهم هلائڻ جو نوٽيس

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن دوران عوامي خزاني مان اشتهاري مهم هلائڻ تي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اطلاعات واري سيڪريٽري سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سيڪريٽري اطلاعات سنڌ کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اليڪشن واري ڏينهن ميڊيا تي ترقياتي منصوبن جا اشتهار ڏنا.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي خزاني مان پئسا اشتهاري مهم تي خرچ ڪيا آهن، ڪا به سياسي پارٽي عوامي خزاني مان اشتهاري مهم نه هلائي سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري اطلاعات سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته هو سڀاڻي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ پيش ٿي وضاحت ڏئي ۽ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته معاملو وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: