ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پولنگ دوران ڪجهه اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا، سهراب ڳوٺ ويجهو بکر ڳوٺ بروهي ۾ هٿياربندن پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪري پولنگ عملي کي يرغمال بڻايو، گلبرگ پولنگ اسٽيشن ۾ به اڻڄاتل ماڻهو داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪري پرزائيڊنگ آفيسر کي مارڪٽ ڪئي، ملير ٽائون جي يوسي غازي دائود بروهي آسو ڳوٺ پولنگ اسٽيشن ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو ، جنهن سبب پولنگ ڪجهه دير لاءَ معطل رهيو، پوليس پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران ملير سميت مختلف علائقن ۾ ڪجهه اڻوڻندڙ واقعا به پيش آيا پر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن صورتحال تي ضابطو آڻي ورتو.
سهراب ڳوٺ ويجهو بکر ڳوٺ بروهي ۾ هٿياربندن پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪري پولنگ عملي کي يرغمال بڻايو.
گلبرگ پولنگ اسٽيشن ۾ به اڻڄاتل ماڻهو داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪري پرزائيڊنگ آفيسر کي مارڪٽ ڪئي.
ملير ٽائون جي يوسي غازي دائود بروهي آسو ڳوٺ پولنگ اسٽيشن ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو ، جنهن سبب پولنگ ڪجهه دير لاءَ معطل رهيو، پوليس پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو.
ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ اڻڄاتل شرپسندن بوائز اسڪول ڀرسان قائم سياسي پارٽي جي ڪيمپ کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس موجب باهه اتفاقي طور لڳي آهي.