top_news

اهم خبرون

پاڪستان

January 14, 2023 8:18 pm

اعتماد جو ووٽ وٺڻو پيو ته پنهنجا نمبرز پورا ڏيکارينداسين:پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اعتماد جو ووٽ وٺڻو پيو ته پنهنجا نمبرز پورا ڏيکارينداسين، ان حوالي سان ڪو خطرو ناهي، اسان جو هن وقت سڄو ڌيان مڪاني چونڊن تي آهي، عام اليڪشن هجي يا بلدياتي، پيپلزپارٽي کي ڪو ڊپ ناهي.

پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ صورتحال واضح ٿي چڪي آهي، سڀاڻي ئي اليڪشن لاءِ پولنگ ٿيندي، پيپلزپارٽي جي چونڊن جي حوالي سان تياري مڪمل آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان اسان پراميد آهيون، عوام وڏي انگ ۾ نڪري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري.

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم پراڻي سياسي پارٽي آهي، اميد ڪريان ٿو ته ايم ڪيو ايم ڪو به غيرسياسي فيصلو نه ڪندي ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مڪاني چونڊون ٿين ته جيئن اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪري سگهون.

وڌيڪ پڙهو: