سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ 17 هزار 863 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، 8 هزار 858 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 8 هزار 153 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پولنگ کان اڳ 49 اميدوار فوت ۽ 727 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.
مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي 16 ضلعن ۾ سڀاڻي چونڊون ٿي رهيون آهن، چونڊن ۾ 17 هزار 863 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.
ٻنهي ڊويزنز ۾ 8 هزار 858 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 8 هزار 153 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
اُن کان اڳ 727 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، بنا مقابلي ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ ڪراچي جا 7 اميدوار، حيدرآباد جا 410 ۽ ٺٽو جا 310 اميدوار شامل آهن.
چونڊن کان اڳ 49 اميدوار فوت ٿيا، فوتي اميدوارن ۾ ڪراچي شهر جا 22 ڄڻا شامل آهن.