رانديون

January 14, 2023 5:32 pm

ڀارتي ڪرڪيٽر مرلي وجي حيران ڪندڙ فيصلو ڪري ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽر مرلي وجي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ٻڌائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب مرلي وجي چيو آهي ته منهنجي عمر ڪرڪيٽ ۾ موقعا ملڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 38 ورهين جي مرلي وجي چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان منهنجو سفر لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي مان ٻاهرين ملڪن جا موقعا ڳولڻ چاهيان ٿو.

هن چيو ته ڀارت ۾ 30 سالن کان پوءِ اسان کي 80 سالن جو پوڙهو سمجهيو پيو وڃي، مان ڪنهن به تڪرار ۾ نه پوڻ چاهيان.

مرلي وجي چيو ته ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن مون کي وريندر سهواگ جي حمايت هجي ها ته صورتحال مختلف هجي ها.

ڀارتي ميڊيا موجب مرلي وجي ڀارت طرفان 61 ٽيسٽ، 17 ون ڊي ۽ 9 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏي چڪو آهي.

وڌيڪ پڙهو: