برطانوي شهريت رکندڙ اڳوڻي نائب ايراني بچاءَ واري وزير کي ايران ۾ ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ جو بيان سامهون آيو آهي.
برطانوي وزيراعظم چيو آهي ته علي رضا اڪبري کي موت جي سزا تي عملدرآمد تي صدمي ۾ آهي.
رشي سونڪ جو چوڻ هو ته ڦاهي هڪ ظالمانه ۽ بزدلاڻو عمل آهي.
ٻئي طرف برطانوي پرڏيهي وزير جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو علي رضا اڪبري کي ڦاهي ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
واضح رهي ته علي رضا اڪبري کي ايران ۾ برطانيا لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ ڦاهي ڏني وئي آهي.