پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير رانا ثناءُ الله ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران پشاور ۾ پوليس حملي جي مذمت، متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪندڙ معافي جا حقدار ناهن، آصف زرداري چيو آهي ته ڪي پي حڪومت عوام کي دهشتگردن جي رحم تي ڇڏي ڏنو آهي، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملو رياست سان جنگ آهي،
رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير جو ڌيان اسيمبلي ٽوڙڻ تي آهي.