اهم خبرون

سنڌ

January 13, 2023 5:24 pm

ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنز ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون:اليڪشن ڪميشن

ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنز ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، ڪجهه ضلعن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ وارو سنڌ حڪومت جو نوٽيفڪيشن ايس ايل جي اي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: اليڪشن ڪميشن حڪم جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته چونڊن لاءِ سموريون تياريون مڪمل آهن، بيليٽ پيپرز ڇپجي چڪا آهن، پولنگ اسٽاف مقرر ٿي ويو آهي،  چونڊن کان ٻه ڏينهن اڳ نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري کي به ڪراچي پهچڻ جي هدايت، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪراچي، حيدرآباد ضلعن ۽ دادو جي ٻن تعلقن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وئي.

وڌيڪ پڙهو: