سنڌ هائيڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 سيڪڙو مارڪوڻ کڻندڙن کي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جا آرڊر ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، سيڪريٽري تعليم طلب، صوبي ۾ بند پيل اسڪولن ۽ نوڪرين جا تفصيل به پيش ڪرڻ جو حڪم، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 60 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي الائونس ڏئي ٿر ۽ ٻين هارڊ ايرياز ۾ ڇو نٿو موڪليو وڃي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي بنياد تي هارڊ ايرياز جوڙيا ويا آهن، تفصيل ڏنا وڃن.