صدر عارف علوي ٻيهر حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي صدر عارف علوي چيو آهي ته هڪ مهيني کان حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪو به رابطو ناهي، سياسي پارٽين ۾ چونڊن کان پهريان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، سياسي پارٽين سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز اختلاف وساري ڳالهيون نه ڪيون ته معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، فوجي قيادت ۽ عمران ۾ ڪو به ڊائيلاگ نه ڪرائي رهيو آهيان، اتحادي حڪومت، پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، جنرل قمر جاويد باجوا ۽ عمران خان ۾ اختلافن جو وڏو سبب سوشل ميڊيا هئي.