پاڪستان

January 12, 2023 4:21 pm

پنجاب جي گورنر وڏي وزير جي اعتماد واري ووٽ کي تسليم ڪري ڇڏيو

پنجاب جي گورنر وڏي وزير جي اعتماد واري ووٽ کي تسليم ڪندي پرويز الاهيءَ کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺي ڇڏيو، لاهور هائيڪورٽ چوڌري پرويز الاهيءَ جي گورنر جي حڪم خلاف درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت چيو آهي ته اعتماد جي ووٽ جو نتيجو گورنر تسليم ڪري ورتو آهي، مسئلو اسيمبلي ۾ ئي حل ڪيو ويو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، جسٽس عاصم حفيظ چيو ته گورنر آئين موجب آرڊر جاري ڪيو، اسپيڪر گورنر جي مشوري تي مسئلو حل ڪري ها ته هيءَ صورتحال پيدا نه ٿئي ها.

وڌيڪ پڙهو: