سکر-حيدرآباد موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار رحمت الله سولنگي ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيت منجمند ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين سکر جي احتساب عدالت کي خط لکي ڇڏيو، ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيت منجمند ڪرڻ جي درخواست، نيب چيئرمين جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي ۽ سندس ڪٽنب جون ڪروڙين رپين جون ملڪيتون بنگلا، پلاٽ ۽ فليٽس ظاهر ٿيا آهن، جاچ تائين ملڪيتون وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.