عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، عالمي بينڪ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي قرضن جي ادائيگن جي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ سبب موجودهه مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، يوڪرين ۽ روس جي جنگ سبب عالمي معيشت به سستي جو شڪار آهي.