سنڌ هائيڪورٽ سکر بينچ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، عدالت پاران عوام کي سبسڊي واري قيمت تي اٽو نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، فوڊ سيڪريٽري 18 جنوري تي طلب، چيف سيڪريٽري، ڊائريڪٽر فوڊ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته عوام کي عزت سان 65 رپيا ڪلو اٽو فراهم نه ٿيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري کي طلب ڪري سگهجي ٿو.