چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ سکر-حيدر آباد موٽر وي بابت اجلاس، ايم سڪس موٽر وي لاءِ لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ڪمشنر زمين حاصل ڪرڻ واري معاملي جي نگراني ڪندا، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو آهي ته سکر-حيدرآباد موٽر وي کي جلد مڪمل ڪيو ويندو.