سعودي عرب 5 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ پاڪستان ۾ ڊپازٽ طور رکڻ ۽ 10 ارب ڊالرز جي سيڙپ ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، وزير اعظم شهبازشريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۾ ٿيل ملاقات جو نتيجو سامهون اچي ويو، سعودي عرب جي پڌرائي موجب پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان 25 آگسٽ 2022 تي ڪيو هو، قدم پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ عوام جي حمايت ۾ کنيو ويو آهي.