تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان دهشتگردي جي حملن ۽ ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪمران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاليسي جوڙڻ بدران هٿ ٺوڪيون آڊيوز ۽ ويڊيوز تيار ڪري رهيا آهن، ٽوئيٽ ڪندي عمران خان چيو ته دهشتگردي جي لهر ۾ تيزي ڏسي رهيا آهيون، اسان جا سڪيورٽي اهلڪار دهشتگردن جو مخصوص حدف آهن، فورسز کي دهشتگردي خلاف پنهنجا خصوصي ٽارگيٽس طئي ڪرڻا پوندا.