اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات بعد بلوچستان جا اهم سياسي اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل، اڳوڻو وفاقي وزير فتح محمد حسني، اڳوڻو صوبائي وزير گزين مري، طاهر محمود، نوابزادا جمال رئيساڻي، مير فريد رئيساڻي، مير عبدالله راهيجا ۽ مير الله بخش رند به پ پ ۾ شامل، آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان ۽ پيپلزپارٽي جو سدائين تاريخي ڳانڍاپو رهيو آهي، پيپلزپارٽي بلوچستان جي حقن لاءِ حقيقي جدوجهد ڪئي، بلوچستان جي سياست ۾ پ پ مضبوط ڌرين ڌر آهي،پ پ بلوچستان جي عام ماڻهو جي حقن لاءِ جدوجهد تي سوديبازي نه ڪندي.