پاڪستان

January 8, 2023 1:19 pm

سياسي مخالفن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي:فواد چوڌري

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري الزام هنيو آهي ته ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي ۽ سندس خاندان تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ کين هراسان ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪري ٿي، ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت کي برقرار رکڻ لاءِ طاقت جي استعمال کانسواءِ هنن وٽ ڪو ٻيو دڳ ناهي، سياسي مخالفن خلاف طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ظلم گهڻو دير نٿو هلي سگهي.

وڌيڪ پڙهو: