سنڌ

January 8, 2023 1:10 pm

صوبي ۾ سستي اسٽالن تي 65 رپيا في ڪلو اٽو ملي رهيو آهي:مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت جـَي ترجمان مرتضيٰ وهاب صوبي ۾ اٽو مهانگو هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ سستي اسٽالن تي 65 رپيا في ڪلو اٽو ملي رهيو آهي، گذريل ڏينهن ميرپورخاص ۾ سستي اٽي جي اسٽال تي بدنظمي سبب واقعو پيش آيو،  انتظاميه اهڙي قسم جي ورڇ ڪري جو بدنظمي پيدا نه ٿئي، عوام به سستو اٽو وٺڻ لاءِ تڪڙ نه ڪري،  ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جماعت اسلامي احتجاج ڪري پئي ته 15 جنوري تي مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، ساڳي وقت ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪري پئي، اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو آهي، في الحال چونڊون ملتوي ٿيندي نظر نٿيون اچن.

وڌيڪ پڙهو: