اهم خبرون

سنڌ

January 7, 2023 9:52 pm

سنڌ ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو

سنڌ ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، سستي اٽي جا اسٽال به شهرين جون حياتيون ڳڙڪائڻ لڳا آهن، ميرپورخاص ۾ اٽو خريد ڪرڻ لاءِ آيل ست ٻارن جو پيءُ هجوم ۾ لتاڙجي فوت ٿي ويو، سڪرنڊ ۾ معصوم نينگري ۽ ٻه عورتون پيهه ۾ زخمي ٿي پيون، ٽنڊي باگي ۾ بدنظمي دوران پوليس لٺيون هڻي پورهيت جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ اٽي جي بحران ۽ ڳاٽي ٽوڙ اگهه خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ميرپورخاص ۾ سستي اٽي جي اسٽال تي اٽو خريد ڪرڻ آيل ست ٻارن جو پيءُ پورهيت هرسنگهه عرف گلشي ڪولهي ماڻهن جي پيهه ۽ هجوم ۾ لتاڙجي فوت ٿي ويو، واقعي بعد وارثن ۽ شهرين فوتي جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو.

ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ۽ مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن ۽ شهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سڪرنڊ ۾ فلور ملز ٻاهران سستو وٺڻ لاءِ آيل شهرين جي رش دوران ملز انتظاميا گيٽ بند ڪري ڇڏيا، رش دوران هڪٻئي کي ڌڪا لڳڻ سبب ٻارڙي ڪويتا، ٻه عورتون ڪاجل ۽ پٺاڻي زخمي ٿي پيون.

ٽنڊوباگو ۾ سستو اٽو کڻي ايندڙ گاڏي تي ماڻهن جي رش دوران پوليس جي لٺبازي ۾ خليفو قاسم جو رهواسي آسن ريٻاري زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو.

زخمي جي وارثن ۽ شھرين ٽنڊوباگو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

سکر، نصير آباد، قاضي احمد، ڪوٽ غلام محمد، هالا، پٿورو، ڪنري، سن، سڪرنڊ، ڏيپلو، اڏيرولعل ۽ ٻين شهرن ۾ اٽي جي اگهه ۾ واڌ خلاف پورهيتن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

احتجاج ڪندڙن دانهيو ته اٽو في ڪلو 150 روپين جي حساب سان وڪرو ٿيڻ سبب ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهيون، انتظاميه اٽي جي اگهه تي فوري ضابطو آڻي رليف فراهم ڪري.

وڌيڪ پڙهو: