اهم خبرون

پاڪستان

January 7, 2023 6:50 pm

نويد جي موبائل فون جي فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار نويد جي موبائل فون جي فرانزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي، رپورٽ موجب جوابدار جي فون مان ٻن مختلف ڪپمنين جو سمون مليون آهن، جوابدار واٽس ايپ گروپ ۾ هڪ نمبر علي رضا جي نالي سان محفوظ ڪيو هو، جوابدار جي فون مان 138 نمبر ۽ 1869 ڪالز جو رڪارڊ مليو، فون مان 337ميسيج، 1956تصويرون ۽ 212 ويڊيوز مليون، جوابدار جي فون جو سمورو رڪارڊ جي آءِ ٽي حوالي ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙهو: