سستي اٽي جا اسٽال شهرين جون حياتيون ڳڙڪائڻ لڳا، ميرپور خاص ۾ سستو اٽو وٺڻ لاءِ سرڪاري اسٽال تي آيل پورهيت رش سبب لتاڙجي فوت، ڪيترائي زخمي، واقعي بعد وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، سڪرنڊ ۾ به سستي اٽي جي اسٽال تي ماڻهن جي رش، ٽي عورتون لتاڙجي زخمي ٿي پيون، ڪنهن نوٽيس نه ورتو.