تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن عمران خان کي 11 جنوري تي صبح 10 وڳي طلب ڪري ورتو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان مقرر تاريخ تي ذاتي يا وڪيل ذريعي پيش ٿئي.
اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سندس نااهلي باوجود هو پارٽي جو چيئرمين آهي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان کي نااهل قرار ڏنو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ فيصلو محفوظ ڪيو.