پاڪستان

January 6, 2023 5:35 pm

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي خلاف عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي خلاف عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ  جي ٽه رڪني بينچ 10 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال بينچ جي سربراهي ڪندو، بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل هوندا.

ٻڌڻي دوران وفاق جو وڪيل مخدوم علي خان دليلن جي شروعات ڪندو،رجسٽرار آفيس سمورين ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

ان کان اڳ ۾پي ٽي آءِ جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪيا،هن نيب قانون ۾ ترميمن کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو.

وڌيڪ پڙهو: