اهم خبرون

سنڌ

January 6, 2023 5:29 pm

پنهنجي ڏنل درخواست تي اچو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪريو:چيف اليڪشن ڪمشنر

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد  ۾ نين ووٽر لسٽن تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن ۾ ووٽر لسٽن تي اعتراض بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل اعتراض ڪيو ته چونڊن لاءِ پراڻين ووٽر لسٽن جو استعمال قانون جي خلاف آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ان کان اڳ تڪبندين جي حوالي سان ايم ڪيو ايم عدالتن ۾ ويندي رهي آهي، ايم ڪيو ايم سمورن معاملن کي گڏ ڇو نه ٿي کڻي اچي؟ ڪو ٻيو معاملو هجي ته اهو به سامهون آڻيو، سڀني جو هڪ ئي وقت تي فيصلو ڪري وٺنداسين.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ايم ڪيو ايم جن ووٽر لسٽن تي 2018 جون عام چونڊون ۽ تازو ضمني چونڊون وڙهيون، انهن ئي لسٽن تي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن.

ايم ڪيو ايم جي وڪيل هڪ ٻيو نقطو اٿاريو ته 29 اپريل تي اليڪشن ڪميشن نامڪمل هو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان جي درخواستن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مڪمل هجڻ جو ذڪر ئي ناهي، پنهنجي ڏنل درخواست تي اچو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪريو، مڪاني چونڊون ڪنهن به صورت ۾ دير سان نه ٿينديون، اوهان ويهي ڪيس جي تياري ڪريو، بعد ۾ اوهان کي به ٻُڌو ويندو.

سنڌ حڪومت درخواستن تي دليل ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کان ايندڙ هفتي تائين جو وقت گهريو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل  سنڌ فوزي ظفر چيو ته تياري لاءِ وقت ڏيو، اليڪشن ڪميشن تياري نه هجڻ تي سنڌ حڪومت کان دليلن جو حق ختم ڪري ڇڏيو.

جماعت اسلامي جي نمائندي اليڪشن ڪميشن کان استدعا ڪئي ته هر ممڪن ڪوشش ٿي رهي آهي ته مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، 15 جنوري تي چونڊ عمل يقيني بڻايو وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪنهن به صورت ۾ملتوي نه ٿينديون……..

وڌيڪ پڙهو: