پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد نيوزيلينڊ خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ جي آخري اننگز ۾ وڏو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
سرفراز احمد 3 يا ان کان گهٽ ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين بڻجي ويو آهي.
سرفراز احمد نيوزيلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 317 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهي.