بين الاقوامي

دنيا

January 5, 2023 9:24 pm

ٽن سالن کان پوء، چين جو هانگ ڪانگ سان پنهنجي سرحد کولڻ جو اعلان

چين اعلان ڪيو آهي ته هو 8 جنوري کان هانگ ڪانگ سان پنهنجي سرحد کولڻ جو اعلان ڪري ٿو.

ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سرحد بند ڪئي وئي هئي، جنهن کي 3 سالن کانپوءِ کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سرحد کولڻ سان هانگ ڪانگ جا 60 هزار شهري چين پهچي سگهندا.

هانگ ڪانگ مان ايندڙ ماڻهن لاءِ لازمي قرنطين به ختم ڪيو ويو آهي.

سمورن مسافرن کي صرف پي سي آر ٽيسٽ سان مشروط ڪيو ويندو ۽ سفري ڪوٽا ٻنهي طرفن کان سفر ڪرڻ وارن لاءِ مخصوص هوندو.

هانگ ڪانگ سان چين جي سرحد ان ئي ڏينهن تي کوليو پيو وڃي جڏهن چين ٻين ملڪن مان ايندڙن لاءِ قرنطينه جون شرطون ختم ڪرڻ ۽ ڪورونا جون ڪيتريون ئي پابنديون هٽائڻ جو اعلان ڪيو هو.

وڌيڪ پڙهو: