پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
مالاڪنڊ، ڪالاباغ، لوئر دير، مانسهرا ۽ بونير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
شانگلا، سوات، صوابي ۽ ٻين شهرن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
ايبٽ آباد، ميانوالي، ٽيڪسلا، چنيوٽ، گلت بلتستان ۾ به زلزلي جي لوڏن بعد شهري ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلو پيمائشي اداري جو چوڻ آهي ته ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي.
زلزلو پيمائشي اداري موجب زلزلي جو مرڪز ڏکڻ افغانستان هو.