سنڌ ۾ تعليم کاتي جي گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ 7 ليڊي ٽيچرز سميت 9 پرائمري استادن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو.
تعليم کاتي، لاڙڪاڻو ڊويزن جي شڪارپور ضلعي سان واسطو رکندڙ 9 پرائمري ٽيچرز کي ڊيوٽين تان غيرحاضر رهڻ تي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو.
ڊائريڪٽر پرائمري لاڙڪاڻو گلشير سومري، چيف مانيٽرنگ آفيسر ضرار خان جي رپورٽ تي 7 ليڊي ٽيچرز سميت 9 پرائمري ماسترن کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
برطرف ڪيل پرائمري ٽيچرز ۾ مس غزالا، مس سنجيده، مس صنم، مس مديحا تعزين، مس ربيلا، مس سلمه، صائمه مير ۽ مردن ۾ افسر ۽ حزب الله شامل آهن.