اهم خبرون

سنڌ

January 5, 2023 9:13 pm

نيب ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ حوالي ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

نيب ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ حوالي ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته ڪرپشن معاملي ۾ ڊي سي آفيس مٽياري جي اڪائونٽنٽ جڙيل شاهه، اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد جي پي ايس ذوالفقار شاهه ۽ تپيدار الاهي بخش ڀيو کي معطل ڪيو ويو آهي.

صوبائي وزير روينيو جي هدايتن تي ڪمشنر حيدرآباد، ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ ڊي سي آفيس مٽياري جي اڪائونٽنٽ سيد جڙيل شاهه، اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد جي پي ايس ذوالفقار علي شاهه ۽ تپيدار الاهي بخش ڀيو کي فوري طور معطل ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو.

ان کان اڳ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ڪمشنر حيدرآباد کي خط لکي ڪارروائي لاءِ چيو هو، ڊي سي آفيس مٽياري پاران ٽن ملازمن جي معطلي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف نيب باضابطه طور ڪيس جي جاچ حوالي ڪرڻ لاءِ خاص عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قانوني گهرجون پوريون ڪري جاچ احتساب عدالت حوالي ڪئي وڃي.

ان کان اڳ نيب اينٽي ڪرپشن کي به اهڙو ليٽر لکيو هو، جنھن تي اينٽي ڪرپشن نيب کي لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جو چيو هو.

واضح رهي ته ڪيس ۾ نامزد 11 جوابدارن مان 3 جوابدار عدنان رشيد، منصور عباسي ۽ طابش شاهه جوڊيشل ريمانڊ تي آهن، جڏهن ته جوابدار جڙيل شاهه، مير محمد سھاڳ ۽ اسلم پيرزادو عبوري ضمانت تي آهن.

وڌيڪ پڙهو: