اهم خبرون

سنڌ

January 5, 2023 5:32 pm

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حيدرآباد، سکر موٽر وي اسڪينڊل جو ذميوار سنڌ حڪومت ۽ بينڪ کي قرار ڏئي ڇڏيو

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين حيدرآباد، سکر موٽر وي اسڪينڊل جو ذميوار سنڌ حڪومت ۽ بينڪ کي قرار ڏئي ڇڏيو.

اين ايڇ اي جي چيئرمين مواصلات بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته جيئن ئي موٽر وي اسڪينڊل جي خبر پئي، اسان جي ايم لينڊ ۽ ايف آءِ اي جي ڊي جي کي جاچ لاءِ لکيو.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو اسڪينڊل ۾ ملوث هئا، انهن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.

چيئرمين چيو ته فراڊ ۾ بينڪ ملوث آهي، انهن کي خبر هئي ته پئسا حڪومت جا آهن، ڪافي پيسا اوڳاڙيا به ويا آهن.

اين ايڇ اي جي چيئرمين چيو ته اسان ايف آءِ اي ۽ نيب کي به بينڪ جي ملوث هجڻ  بابت ٻڌايو هو، سنڌ حڪومت کان به ڪجهه غلطي ٿي، بعد ۾ جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙهو: