جاتي ۾ عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ وڌندڙ مهانگائي ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف پيادل مارچ، عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي معدني وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي، سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.