پاڪستان

January 5, 2023 5:15 pm

عمران خان تي حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نويد جي وڪيل حملي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو

وزيرآباد ۾ عمران خان تي حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نويد جي وڪيل حملي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، واقعي جي، جي آءِ ٽي رپورٽ تي به سوال اٿاري ڇڏيا، جوابدار نويد جي وڪيل ميان دائود چيو آهي ته فائرنگ واقعو لانگ مارچ کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ پاڻ ڪرايو ويو، جي آءِ ٽي، عمران خان سان گڏجي ڪيس کي خراب ڪيو، گوليون ڪٿان هليون ۽ معظم ڪنهن جي گولي لڳڻ سبب ماريو ويو سڀ ثبوت موجود آهن، فواد چوڌري به نويد کي بيگناهه قرار ڏئي چڪو آهي، سندس گرفتاري غلط آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: