سپريم ڪورٽ صحافي ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ۾ اي ڊي خواجا کي شامل ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ڪنهن به رٽائرڊ آفيسر کي جي آءِ ٽي ۾ شامل نه ڪنداسين، آفيسرن کي ڪم ڪرڻ ڏيو، اسان جي جاچ تي نظر آهي، توهان هتي ايندا ڪريو ۽ ڏسو ته ڪارروائي ڪيئن هلي ٿي، جسٽس مظاهر نقوي ريمارڪس ڏنا ته جاچ دوران دهشتگردي وارا قلم لاڳو ٿي سگهن ٿا ته ڪنداسين.