سنڌ

January 4, 2023 4:55 pm

سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي شيڊيول جاري ٿيڻ بعد ڪيل مقررين ۽ بدلين وارا 18 آرڊر واپس وٺي ڇڏيا

سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي شيڊيول جاري ٿيڻ بعد ڪيل مقررين ۽ بدلين وارا 18 آرڊر واپس وٺي ڇڏيا،  منصور ميراڻي کي ڊي ايف سي دادو مقرر وارو نوٽيفڪيشن معطل، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڊي ايم سي سينٽرل ڪراچي محمد اسلم، ايم ڊي سنڌ ڪو آپريٽو اٿارٽي اعجاز کتري جو نوٽيفيڪشن به معطل ڪيو ويو، ڊي ايف سي رفيق شاهاڻي، سينئير ڊائريڪٽر ڪچي آبادي ڪي ايم سي آفاق مرزا، ٽي اي او پرائمري رخسانه اختر، پي ڊي ڪي ايم سي نعمان ارشد جو آرڊر به روڪيو ويو، ايڪسائيز ءِ ٽيڪسيشن کاتي جي اي ٽي او مدد علي کوکر سميت 18 ڪامورن جا نوٽيفڪيشن بلدياتي اليڪشن تائين معطل ڪيا ويا.

وڌيڪ پڙهو: