وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل هئڻ جو اعتراف, صحبت پور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ سنڀاليو ته معيشت خراب حالت ۾ هئي، برساتن بعد آيل ٻوڏ به مسئلا وڌايا، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪيترائي سو ارب گهربل آهن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس ڪرائي رهيا آهيون، وزيراعظم خطاب دوران دانش اسڪول جي شاگردياڻي جو ذڪر ڪري روئڻهارڪو ٿي ويو.