اهم خبرون

سنڌ

January 3, 2023 5:46 pm

ٻوڏ متاثرن کي مڪمل طور بحال ڪيو ويندو:پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

ٻوڏ متاثرن کي مڪمل طور بحال ڪيو ويندو، متاثرن کي ڪاروبار ۽ زراعت لاءِ بنا وياج جي قرض به ڏنا ويندا؛ سيتا ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڃا به سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، وسيلا گهٽ آهن، متاثرن جي بحاليءَ ۾ وقت لڳندو،  بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو به ورتو، ايم پي اي فياض ٻٽ ۽ ڊاڪٽر اسد لغاري انڊس هاءِ وي وٽان 10 فوٽ اونچو بند ٻڌڻ جي تجويز به ڏني.

وڌيڪ پڙهو: